تيغ سنگهه بهادر

تيغ سنگهه بهادر

گرو تيغ سنگهه بهادر

گرو تيغ سنگهه بهادر: گرو تيغ سنگهه سکن جو نائون گرو 1621ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو. هن آنندپور جو شهر ٻڌايو. هن پنهنجي سموري زندگي هندو ڌرم جي رکشا ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي.هي انهي خيال جو هو ته ماڻهن کي عبادت ۽ مذهب جي آزادي هئڻ گهرجي، جيڪو سندن پيدائشي حق آهي. انهن خيالن سبب ئي کيس شهادت نصيب ٿي. هن جي جسم کي ايترو ته ايذايو ويو، جو سندس مڙهه جو رنگ به تبديل ٿي ويو. جڏهن دهلي جي سکن کي خبر پئي ته سندس لاس هتان کان چار سؤ ڪلوميٽر پري آنندپور ڪريا ڪرم لاءِ کنيو پيو وڃي ته هن ڪريا ڪرمي طور سندس گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. هن کي 44 سالن جي عمر ۾ سکن جو گرو چونڊيو ويو هو. پاڻ ڏهه سال گرو رهيو. هي آخري گرو هو. هونئن سکن جا 10 گرو مڃيا ويا آهن، مگر ڏهون گرو گرنٿ صاحب (ڪتاب) آهي. هن کي 1675ع ۾ شهيد ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو